خاموش قاتل بلڊ پريشر

بلڊ پريشر کي خاموش قاتل به چيو ويندو آهي، ڇو ته اهو اڌ رنگ ۽ دل جي دوري جهڙن موتمار مرضن جو ڪارڻ به بڻجندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسان موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.
ماهرن بلڊ پريشر جون ڪجهه اهڙيون علامتون ٻڌايون آهن، جن جي مدد سان ڪو به شخص معلوم ڪري سگهي ٿو ته اهو بلڊ پريشر جو مريض آهي.
ماهرن موجب بلڊ پريشر جي علامتن ۾ باقاعدگي سان مٿي جو سور رهڻ، ٿڪاوٽ رهڻ، مٿي کي چڪر اچڻ، اکين جي روشني متاثر ٿيڻ، پيشاب ۾ رهڻ اچڻ، نڪ مان رت اچڻ، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، گهڻو پگهر اچڻ، دل جو ڌڙڪو اوچتو گهٽ وڌ ٿيڻ شامل آهن.
جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ اهي علامتون آهن ان کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
ماهر چون ٿا ته ٿولهه، لوڻ جو وڌيڪ استعمال، سبزين ۽ ميون جو گهٽ استعمال، مناسب ورزش نه ڪرڻ، شراب پيئڻ، ڪافي يا ڪيفين واريون شيون استعمال ڪرڻ، سگريٽ ڇڪڻ، ذهني پريشاني، 65 سالن کان وڌيڪ عمر هجڻ، والدين مان ڪنهن کي بلڊ پريشر هجڻ وغيرا به ان عارضي ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا

پنھنجي راءِ لکو