اقليتن جي تحفظ جو ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريتي راءِ سان منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اقليتن جي تحفظ جو ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ بجيٽ سيشن دوران بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سوات واقعي سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي، پاڪستان ڪنهن هڪ شخص جو ناهي پر هتي رهندڙ سمورا پاڪستاني برابر جا شهري آهن، هتي رهندڙ سمورا اقليتي برابر جا پاڪستاني آهن.
پوءِ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اقليتن جي حقن جي تحفظ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته اقليتن جو تحفظ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون يقيني بڻائين، اقليتن کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي،
اقليتن خلاف واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنھنجي راءِ لکو