صدر ۽ وزير اعظم جي ملاقات،بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف صدر مملڪت آصف زرداريءَ سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي آهي.
ٿيندڙ ملاقات دوران وفاقي وزير احسن اقبال به موجود هو.
ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي غور ويچار ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر مملڪت ۽ وزير اعظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته شهباز شريف چين جي دوري بابت آگاهه ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو