کير واري چانهه پيئندڙ هوشيار !

گرم چانهه جو هڪ ڪوپ خراب ڏينهن کان وٺي خراب دماغ تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري سگهي ٿو پر جڏهن وڌيڪ مقدار ۾ چانهه جو استعمال ڪيو وڃي ته ان جو نقصان به آهي.

ايتري تائين جو ضرورت کان وڌيڪ چانهه پيئڻ سان ڪينسر جو خطرو به وڌي سگهي ٿو.

ڇا چانهه صحت لاءِ نقصانڪار آهي؟

چانهه عام طور تي صحت لاءِ نقصانڪار ناهي هوندي پر ان جو دارومدار ان تي آهي ته اها تيار ڪهڙي طريقي سان ڪئي ويندي آهي، ان ۾ شامل ڪيا ويندڙ جُزا ڪهڙا آهن، ڪهڙي قسم جي پتي استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ چانهه ۾ ڇا ڇا شامل ڪيو ويندو آهي.

ڪيفين جو اثر

چانهه ۾ ڪيفين هوندي آهي، جيڪا توانائي ۽ هوشياري کي هٿي ڏيندي آهي پر چانهه جو وڌيڪ استعمال نقصانڪار به آهي، ان سان هاضمي جي خرابي سميت پيٽ جا ٻيا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

پر رڳو ڪيفين ئي ناهي جيڪا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، ريفائنڊ کنڊ به نقصانڪار آهي.

کير واري چانهه ڪهڙو نقصان پهچائي ٿي؟

چانهه جي پتي ته پنهنجي خاصيتن سبب دماغ کي توانو ڪرڻ سميت ڪينسر کي روڪڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي پر کير ۽ کنڊ تي ٻڌل چانهه جو وڌيڪ استعمال ٽرائگليسرائيڊ جي سطح کي وڌائي سگهي ٿو، جيڪو هاءِ ڪوليسٽرول، شگر، جگر، معدي جي بيمارين ۽ ڪولوريڪٽل ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.

گڏوگڏ کنڊ ۽ کير واري چانهه جي وڌيڪ استعمال سان پهچندڙ نقصان تي اڃا گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي.

تنهن ڪري بهتر آهي ته چانهه جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال نه ڪيو ۽ چانهه ۾ وڌيڪ کير ۽ وڌيڪ کنڊ جي استعمال کان پاسو ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو