ڳالهيون صرف گهر جي مالڪ سان ڪنداسين: عارف علوي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته ڳالهيون صرف گهر جي مالڪ سان ڪنداسين، مالهي يا ٻاهر بيٺل ريڙهي واري سان ڳالهيون نه ٿينديون.

فيصل آباد ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته عمران کي چئي رهيا آهن ته ڊيل ڪري ملڪ ڇڏي وڃو، پر عمران خان چيو ته ڪجهه به ٿي پوي ملڪ نه ڇڏيندس.

هن ٻڌايو ته نان اسٽيڪ هولڊرز سان نه اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ڪاوڙ ۽ نفرت ختم ڪري درگزر ڪرڻ کان ڪم وٺو، پي ٽي آءِ باني جي آزاد ٿيڻ جو خوف ڪڍي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي بحال، ميڊيٽ جي واپسي ۽ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو، اهي ماڻهو غداري جو ليبل هڻي ڇڏيندا آهن، فيض احمد فيض کي به نه ڇڏيو ويندو.

عارف علوي چيو ته ڳالهيون ڪرڻ سٺو مشورو آهي، ڳالهيون ڪنهن سان ڪجن، ڌانڌلي سان اقتدار ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهيون نه ٿينديون.

پنھنجي راءِ لکو