چيني مشن چينگ اي 6 چنڊ جي پراسرار حصي جا نمونا وٺڻ بعد زمين طرف روانو ٿي ويو.
دنيا جي ڪنهن به ملڪ طرفان پهريون ڀيرو چنڊ جي پراسرار خطي سان مان نمونا گڏ ڪرڻ بعد زمين طرف آندا پيا وڃن، جيڪي چين جي خلائي پروگرام جي وڏي اڳڀرائي آهي، چائنا نيشنل اسپيس اينڊ ايڊمنسٽريشن ان حوالي سان بيان به جاري ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته مشن جي لينڊر چنڊ جي سطح کان پرواز ڪري چنڊ جي مدار ۾ موجود آربٽر سان لاڳاپيل هجڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، چين جو چينگ اي 6 مشن پهرين خلائي مشن بڻجي ويو آهي، جنهن پراسرار حصي تي ٽيڪ آف ڪيو.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب خلائي ايڊمنسٽريشن جو چوڻ آهي ته چنڊ جي ان خطي جي نمونن جي تجزيي سان سائنسدانن کي چنڊ جي ارتقائي تاريخ ۽ ان جي تشڪيل سان گڏوگڏ وڌيڪ گهرائي سان سمجهڻ ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
چين جي چينگ اي 6 مشن جو زمين تي واپسي جو سفر 5 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ اهو اتر چين جي لينڊ ڪندو، چينگ اي 6 بعد چين چينگ اي 7 ربوٽيڪ مشن کي چنڊ جي قطب ڏکڻ ۾ موڪليو ويندو، جيڪو چنڊ تي برف جي آثارن جي دريافت لاءِ ڪم ڪندو
چيني مشن چنڊ جي پراسرار حصي جا نمونا وٺڻ بعد زمين لاءِ روانو
with
no comment