Harward

ٽرمپ هارورڊ کي دنيا جي عظيم ترين يونيورسٽين جي فهرست مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هارورڊ يونيورسٽي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻي هي ادارو وفاقي فنڊنگ جو حقدار ناهي رهيو.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ٽوٿ سوشل“تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ” هاڻي هارورڊ کي معياري تعليمي ادارو نه سمجهيو وڃي ۽ ان کي دنيا جي عظيم ترين يونيورسٽين جي فهرست مان ڪڍي گهرجي، هي ادارو نفرت ۽ بيوقوفي سيکاري ٿو ۽ ان کي وڌيڪ وفاقي فنڊس نه ملڻ گهرجن.“
واضح رهي ته هارورڊ ۽ ٽرمپ انتظاميا جي وچ ۾ تڪرار ان وقت سامهون آيا جڏهن يونيورسٽي حڪومت جي دٻاءُ باوجود پنهنجي انتظامي ۽ تعليمي پاليسين ۾ مداخلت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ انتظاميا يونيورسٽي جي 2 ڏهائي 2 ارب ڊالرز جي وفاقي امداد اڳ ئي روڪي ڇڏي آهي، جڏهن ته ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته هارورڊ جي غير منافعي بخش اداري واري حيثيت به ختم ڪئي ويندي.
ٽرمپ جو مطالبو آهي ته هارورڊ پنهنجي داخلا پاليسي، اسٽاف ڀرتي ۽ تعليمي شعبن ۾ تبديليون آڻي ۽ وفاق کي آڊٽ جي اجازت ڏئي.
ٻئي پاسي هارورڊ يونيورسٽي جي صدر ايلن گاربر جو چوڻ آهي ته ” اسان پنهنجي خودمختياري ۽ آئيني حقن تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين.“
ياد رهي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان مختلف يونيورسٽين تي اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته اهي ” يهودي مخالف جذبن“ کي هٿي ڏئي رهيون آهن، سندس اشارو اسرائيل-غزا جنگ جي خلاف شاگردن جي احتجاجن ڏانهن هو.

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *