M.Ayub

اقوام متحده تائين جو سفر ۽آمريڪا جون يادگيريون

محمد ايوب پيرزادو

انسان جي زندگي ڪجهه خاص لمحن ۽ تجربن سان جڙيل هوندي آهي، جيڪا نه رڳو دل تي نقش ٿي ويندي آهي پر نئين سوچ، نئين ڄاڻ ۽ نون لاڳاپن جا دروازا به کوليندي آهي. منهنجو تازو آمريڪا جو سفر به هڪ اهڙو ئي ناقابلِ فراموش تجربو رهيو، هن سفر جي دوران مون کي نه رڳو هڪ عالمي سفري تجربي جو موقعو مليو، پر آمريڪا جي مختلف شهرن جي تهذيب، ترقي ۽ روزاني زندگي جو ويجهو کان مشاهدو ڪرڻ جو پڻ شرف حاصل ٿيو. نيويارڪ جي روشنيءَ سان چمڪندڙ ٽائيمز اسڪوائر کان وٺي واشنگٽن ڊي سي جي سنجيده سياسي فضائن تائين هر جاءِ تي هڪ نئون سبق هڪ نئون احساس ۽ هڪ نئون تجربو منهنجي انتظار ۾هو.

هن سفر جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن مان اقوام متحده کي هڪ ايميل زريعي اجلاس کي رپورٽ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن جو مثبت جواب مونکي هڪ ڏينهن جي اندر ئي مليو ۽ ان سان منهنجي گهڻي حوصله افزائي ٿئي، مان تُرت ئي آمريڪا جي ويزه اپلاءِ ڪيم تمام پروسس  تقريبا ڏهن ڏينهن جو رهيو ۽ خوش قسمتيءَ سان مونکي آمريڪا جو ويزهه جاري ٿيو، اها گهڙي منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوشيءَ جي هئي جنهن کي مان هتي پنهنجن لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان ، مان سڀ کان پهريان پنهنجي فيملي کي ان خوشي ۾شامل ڪيو ۽پوءِ ڪجهه خاص دوستن کي، ان سان گڏ ئي مان پنهنجي سفر جي تياري شروع ڪئي. منهنجو هي سفر هڪ نئين دنيا ڏسڻ جو آغاز هو. جڏهن اسان جو جهاز پئسفڪ سمنڊ جي مٿان پرواز ڪري رهيو هو ته اچانڪ منهنجي نظر اسڪرين تي پئي ۽ مان حيران ٿي ويس ته ٻاهر جو گرمي پد لڳ ڀڳ منفي 55 سينٽي گريڊ هو !

ڪراچي کان استنبول جو سفر تمام دلچسپ رهيو ڇاڪاڻ جو همسفر هڪ خوش مزاج انسان مليو، تنهنڪري پنج ڪلاڪن جي سفر جي ڪائي خبرئي نه پئي، استنبول ايئرپورٽ تي مختصر قيام کانپوءِ تقريبا 11 ڪلاڪن جي لاڳيتي اڏام ڪري آخرڪار اسان نيويارڪ جي فضائن ۾داخل ٿياسين. ايئرپورٽ تي لينڊنگ کانپوءِ هر شيءِ  معمولي لڳي رهي هئي، موسم به بلڪل مناسب هو، تنهنڪري ڪا به غير معمولي تبديلي محسوس نه ٿي رهي هئي، ايئرپورٽ تي ايميگريشن کانپوءِ جيئن ئي آئون ايئرپورٽ جي دروازن کان ٻاهر نڪري آيس، ته سامهون هڪ بلڪل مختلف منظر منهنجي انتظار ۾هو ! برفباري ٿي رهي هئي ۽ تيز سرد هوائون لڳي رهيون هيون. اهڙي موسم جي مون کي هرگز اميد نه هئي ! ايئن لڳي رهيو هو  ڄڻ ڪنهن اوچتو مون کي ڪنهن ٻئي دنيا ۾ آڻي بيهاريو هجي. ٿڌ جي تيز لهر منهنجي مٿي کان وٺي پيرن تائين سڄي جسم کي ساڪن ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. نيويارڪ جي موسم جو هي رنگ منهنجي لاءِ نئون هو. آئون سوچڻ لڳس ته هي شهر نه رڳو پنهنجي روشنين، اوچي عمارتن ۽ تيز رفتار زندگيءَ جي ڪري مشهور آهي، پر ان جون موسمي شدتون به پنهنجي جاءِ تي هڪ منفرد سڃاڻپ رکن ٿيون. مون کي پنهنجي ڪوٽ کي مضبوطيءَ سان ويڙهڻُو پيو، ۽ مان پنهنجي جسم کي سرديءَ کان بچائڻ لاءِ تيز تيز وِک کڻي اڳتي وڌڻ لڳس، پر ذهن ۾هڪ خيال جنم ورتو ته هي سفر هڪ عام سير سپاٽي کان وڌيڪ دلچسپ ٿيڻ وارو آهي.

نيويارڪ شهر جو دورو انتهائي دلچسپ، معلوماتي ۽ يادگار رهيو. هي شهر نه رڳو پنهنجي بلند و بالا عمارتن ۽ روشنيءَ سان جرڪندڙ گهٽين لاءِ مشهور آهي، پر هتي جي تيز رفتار زندگي، مختلف ثقافتن جي ميلاپ، ۽ جديد انفرا اسٽرڪچر پڻ ان کي هڪ منفرد حيثيت بخشي ٿو.

مون هتي جي مشهور هنڌن جهڙوڪ ٽائيمز اسڪوائر، ففتھ ايونيو، سيوينٿ ايونيو، اسٽاچو آف لبرٽي، ۽ سينٽرل پارڪ جي سير ڪئي، جتي هر جاءِ تي هڪ نئون جوش، نئون منظر ۽ نئون تجربو ڏسڻ ۾ مليو. ٽائيمز اسڪوائر جي روشنين ۽ گهمڻ جو پنهنجو ئي حسن هو هتي هر شخص تمام خوش ۽ جوش ڀريو ۽ پنهنجي دنيا ۾ مگن نظر آيو، هرطرف وڏا وڏا سائن بورڊ هڪ نئي دنيا جو عڪس پيش ڪري رهيا هئا، جڏهن ته اسٽاچو آف لبرٽي کي ڏسندي مون محسوس ڪيو ته هي نه رڳو آمريڪا جي آزاديءَ جي علامت آهي، پر دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اميد ۽ نئين زندگيءَ جي شروعات جو نشان به آهي. سينٽرل پارڪ جي پرسڪون فضا، سائي وڻن جي ڇانوَ،۽ نهرن جي وهڪري مون کي هڪ پل لاءِ نيويارڪ جي تيز رفتار زندگيءَ کان گهڻو پري وٺي هلي وئي.

هن شهر جو سڀ کان حيران ڪندڙ پاسو زيرِ زمين ريلوي جو شاندار نظام آهي، جيڪو دنيا جي بهترين ٽرانسپورٽيشن جي نظام مان هڪ آهي. نيويارڪ جا رهواسي گهڻو ڪري ميٽرو ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ پسند ڪن ٿا، ڇو ته اهو نه رڳو تيز، محفوظ پر آرامده سان گڏوگڏ بر وقت ۽ پئسن جي بچت جو هڪ بهترين ذريعو آهي. نيويارڪ، پنهنجي رنگا رنگ ثقافت، جدت، ۽ بي انتها موقعن جي ڪري، مون تي انتهائي گهڻو اثر ڇڏيو. هي شهر واقعي به “ڪڏهن به نه سمهندڙ شهر” جي حيثيت رکي ٿو.

منهنجي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوش قسمتي اها رهي ته مان گڏيل قومن جي اجلاس جي ميڊيا ڪوريج جو اعزاز حاصل ڪيو. هي لمحو منهنجي لاءِ نه رڳو هڪ پروفيشنل ڪاميابي هو پر منهنجي اخبار بکر نيوز، سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي، سکر نيشنل پريس ڪلب ۽ دعا ويلفيئر لاءِ پڻ فخر جو سبب بڻيو، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن سان منهنجو دلي ۽ جذباتي  لڳاءُ آهي ، منهنجي هن عالمي سطح جي شرڪت انهن جي نالي کي به مٿانهون ڪيو.

گڏيل قومن جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ کان پھريان پريس سيڪشن ۾ ھڪ ڊگھي قطار ۾ بيھي ڪري پنھنجي پاس وٺڻ گھڻو دشوار لڳو ڇاڪاڻ جو قطار گھڻي ڊگھي ۽ آفيس جي حدود ڪا ٻاھر تائين پکڙيل ھئي ان ڏينهن جي ٿڌ کي بيان ڪرڻ تمام ڏکيو آھي انجو تصور ڪرڻ ئي گھڻو ڀيانڪ آھي مونکي پيرن ۾ ٻـ گرم جورابا پاتل ھئا پر ايئن پئي لڳيو جيئن مان ان سرديءَ ۾پيرن اگاڙي روڊ تي بيٺل آهيان ۽ منھنجا ٻئي پير سّن ٿي ويا ھئا، پريس سيڪشن آفيس ۾ داخل ٿياسي تـ  اندر جو موسم موافق ھو ڄڻ جان ۾ جان آئي آفيس ۾ منھنجي نالي جي پاس اڳواٽ  تيار پئي ھئي جيڪا مون وصول ڪئي ۽ گڏيل قومن جي آفيس طرف وڌڻ لڳس ھتي سيڪيورٽي تمام گھڻي سخت ھئي جيڪا عام طور تي ڪنھن بين الاقوامي پروازجي دوران ايئرپورٽ تي ڪئي ويندي آھي ـ  گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان جي رپورٽنگ ڪرڻ مونکي عالمي معاملن کي ويجهي کان ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو هڪ سنهري موقعو پڻ فراهم ڪيو، پريس گيلري ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل قدآور صحافي موجود هئا جن سان گڏ ويهڻ ۽ پنهنجو قلم هلائڻ ۾هڪ الڳ ئي لطف مليو، اجلاس ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا سربراهه،سفارتڪار ۽ ماهر اڳواڻ موجود هئا، جن جي گفتگو مان مون کي نئين بصيرت حاصل ٿي، بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ فيصلن، بحث مباحصن ۽ پاليسين کي براہِ راست مشاهدو ڪرڻ منهنجي صحافتي ڄاڻ ۽ تجربي ۾ بيحد اضافو آندو. هن اجلاس ۾ شرڪت منهنجي صحافتي ۽ سماجي قدڪاٺ ۾به گهڻواضافو آندو، ڇاڪاڻ ته هن پليٽ فارم تي شرڪت کانپوءِ منهنجو شمار بين الاقوامي رپورٽ ڪندڙ صحافين  جي صف ۾ ٿيڻ لڳو جنهن سان منهنجي پروفيشنل سڃاڻپ وڌيڪ مضبوط ٿئي ۽ مستقبل جي واٽ به روشن ٿي.

نيو يارڪ کان واشنگٽن ڊي سي جو سفر مان روڊ رستي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اهو هڪ دل کي خوش ڪندڙ تجربو ثابت ٿيو جيڪوهڪ خوبصورت ۽ معلوماتي سفربڻجي ويو، واٽ ۾ فلاديليفيا ، پينسيلوينيا ، بالٽيمور، ميريليڊ ۽ وليمينگٽن، ڊيلويرجهڙا شهرڏسڻ لاءِ مليا، جتي پراني پلن، تاريخي عمارتن ۽ جديد شاهراهن کي ڏسي آمريڪا جي ترقي گهڻو ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو. واشنگٽن ڊي سي ۾منهنجي رهائش شهر جي مرڪزي هنڌ تي هئي جيڪا وائٽ هائوس کان پنڌ تقريبا پندرنهن منٽن جي مفاصلي تي هئي، هوٽل جو ماحول بلڪل گهر جيان هو ۽ لابي ۾ اڪثر مرد توڙي عورتون هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪري پنهنجو وقت وندر ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته ٻاهر جو موسم ڪافي ٿڌو هجڻ جي ڪري هر شخص صرف ضرورت مهل ئي ٻاهر ويندو هو ۽ فضول ٻاهر وڃڻ کان هرڪو ڪيٻائيندو هو، هي شهر نيويارڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڪون ۽ امن وارو هو، جتي رش گهٽ هئي ۽ شهر خاموش نطر اچي رهيو هو ڄڻ شهر منجهه ڪو راڪاس اچي ويو هجي. سردي جي شدت جي باوجود، مان گهڻو ڪري شهر کي پنڌ گهمڻ جو لطف ورتو، ڇو جو مونکي هتي وقت وافر مقدار ۾ هو ۽ رولاڪين کانسواءِ ڪائي خاص وندنه هئي، هتي جا ماڻهو نرم مزاج ۽ محبت ڀرا هئا، جن سان ڳالهائڻ ۽ وقت گزازڻ ۾عجب جو لطف ايندو هو. شهر جا تاريخي ماڳ، جهڙوڪ لنڪن ڪاپٽول بلڊنگ، ٻئي مهاڀاري جنگ جو يادگار، سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۽ اسٽيٽ بلڊنگ، وائيٽ هائوس ۽ واشنگٽن مونومينٽ ڏسڻ لائق هئا، جيڪي آمريڪا جي سياسي ۽ ثقافتي ورثي کي بهترين انداز ۾ پيش ڪري رهيا هئا، هتي سياه مونکي گهڻي ڀاڳي وائيٽ هائوس جي ٻاهران نظر آيا، واشنگٽن ڊي سي ۾ هڪ منفرد قسم جي عظمت ۽ وقار آهي، جتي هر گلي، هر عمارت ۽ هر يادگار پنهنجي هڪ انفراديت سان ڳنڍيل آهي، جيڪي آمريڪا جي تاريخ جي اهم لمحات کي ياد ڪرائين ٿيون.

واشنگٽن ڊي سي جي سير کانپوءِ مان پيٽرسبرگ ڏانهن پنهنجو سفرٽرين ذريعي ڪيو، جيڪو نه صرف هڪ بهترين پر انتهائي آرامده ۽ يادگار رهيو. آمريڪا ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن لاءِ خاص عزت ۽ احترام ڏسڻ وٽان مليو ٽرين ۾ پهريان بزرگ شهرين، عورتن ۽ ٻارن کي سوار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻين مسافرن کي منظم قطار ذريعي موقعو ڏيو ويو. سفر جي دوران مون ٽرين جي ڪيفي مان چانهه ۽ بسڪٽ جو مزو ورتو، جنهن سفر جي لطف کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو ۽ سفر جي ٿڪاوٽ کي ختم ڪري مونکي تازهه دم ڪري ڇڏيو. پيٽرسبرگ اسٽيشن تي شعيب ڀٽو منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ مونکي پنهنجي مهمان خاني وٺي ويو. سندس خلوص ۽ مهمان نوازي مونکي حيران ڪري ڇڏيو، ڇو ته آمريڪا جهڙي تيز رفتار زندگيءَ واري ملڪ ۾ هر ماڻهو مشين وانگر مصروف هوندو آهي ۽ ٻي ڪنهن لاءِ وقت ڪڍڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي. پر شعيب ڀٽو جي عظمت کي سلام، جنهن مون لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي مونکي نه صرف پيٽرسبرگ ۽ رچمونڊ جهڙا خوبصورت شهر گهمايا، پر پنهنجي اوطاق جو مهمان نوازيءَ سان سينگاريل دسترخوان به مون لاءِ وسيع ڪري ڇڏياءِ .

هتي منهنجي ملاقات سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي پليٽ فارم تان سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ميمبرن سان طئي ٿيل هئي، مان (سانا) جي صدر مقبول هاليپوٽو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ اسانجي هڪ خوشگوار ماحول ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي. هاليپوٽو صاحب آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي جي مسئلن ۽ (سانا) جي مثبت ڪردار تي روشني وڌي، جنهن کي مان وڏي ڌيان سان ٻڌو ۽ خوشي سان گڏ فخر پڻ محسوس ڪيم ته پنهنجي تر واسين لاءِ (سانا) آمريڪا ۾ هڪ اهم ۽ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مون سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي ۽ (سانا) جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ (سانا) جي ميمبرن کي سنڌ نيوز پيپرز سوسائيٽي جي ڪراچي آفيس ۾اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن کي هاليپوٽو صاحب قبول ڪيو بعد ۾ سنڌ نيوز پيپرز سوسائيٽي ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏيل سهڪار سان پرنس جارج، ورجينيا ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي مونکي (سانا) جي ميمبرن کي اجرڪ جا تحفا ڏيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ان موقعي تي حبيب ڀٽو جي ڀاءُ، شعيب ڀٽو جي ميزباني هيٺ هڪ شاندار دعوت جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ شعيب ڀٽو، ضياءَ قريشي، گوهر گھانگھرو، فاروق سومرو، اياذ بروهي، عبدالجبار مري، ايم بي ٻٻر ۽ فيض بليدي سميت ڪيترين ئي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. هي تقريب مون لاءِ رڳو هڪ پروگرام نه پر هڪ تاريخي لمحو هو، جنهن کي مان سدائين پنهنجي يادين ۾ محفوظ رکندس.

هتي ڪجهه ڏينهن قيام کانپوءِ، مون پنهنجي سفر جي موٽ جو آغاز ڪيو ۽ نيويارڪ ڏانهن روانو ٿيس، جيڪو هتان اٽڪل ستن ڪلاڪن جو ريل جو سفر هو. نيويارڪ واپس پهچڻ کانپوءِ، هي شهر هاڻ مون لاءِ هرگز اجنبي نه هو، ڇو ته تازو هتي ڪجه وقت گذارڻ سبب اهو مون سان مانوس ٿي چڪو هو. مون پنهنجي رهائش نيويارڪ جي ساڳي هوٽل ۾ اختيار ڪئي، جيڪا گڏيل قومن جي آفيس جي ويجهو هئي. هڪ رات آرام ڪرڻ کانپوءِ، مون پنهنجي ملڪ پاڪستان موٽ جو سفر شروع ڪيو.

مان آخر ۾هڪ ڳالهه بيان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن مونکي انتهائي حيران ڪري ڇڏيو آهي. نيويارڪ جي هوٽل ۾آخري رات جي لاءِ آن لائين بکنگ ۽ پيمينٽ  ڪرڻ جي باوجود استقباليه تي ويٺل عورت چيڪ ان کان اڳ ٻيهرمون کان نقد ادائيگي طلب ڪئي ۽ چيو ته اسانجي هوٽل جي اڪائونٽ ۾ توهانجي ڪابه رقم وصول نه ٿي آهي. مان حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ بغير ڪنهن بحث جي گهربل رقم ادا ڪري ڇڏي. جڏهن مان پاڪستان پهتس، ته معلوم ٿيو ته هوٽل کي منهنجي آن لائين ادائيگي پهچي چڪي هئي ۽ مون کان غلط فهميءَ جي ڪري ٻيهر رقم ورتي وئي هئي. مون ڪراچي کان نيويارڪ ۾ پنهنجي هوٽل کي هڪ اي ميل ذريعي شڪايت موڪلي ته مون کان ٻه ڀيرا رقم وصول ڪئي وئي آهي هڪ ڀيرو آن لائين ۽ ٻيهر نقد طور ۽ توهان انجي جاچ ڪيو ۽ مونکي منهنجي اضافي رقم موٽائي ڏني وڃي،  حيرت انگيز طور تي رڳو ٻن ڏينهن جي اندر هوٽل انتظاميه مون سان رابطو ڪيو، پنهنجي غلطي مڃي، ۽ اضافي ورتل رقم مون کي واپس ٽرانسفر ڪئي. هي ايمانداريءَ جي هڪ اعليٰ مثال هئي جنهن کي مان ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهان.

هي سفر نه رڳو منهنجي لاءِ پر منهنجي صحافتي ۽ سماجي ڪميونٽي لاءِ پڻ انتهائي اهميت جو حامل رهيو. گڏيل قومن ۾ شرڪت، سنڌي ڪميونٽي سان ملاقات، مختلف شهرن جي سير، ۽ آمريڪا جي نظام کي ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو منهنجي لاءِ هڪ ناياب تجربو ثابت ٿيو. هن يادگار سفر منهنجي زندگي ۾ ناقابل فراموش لمحن کي جنم ڏنو، جن کي مان سدائين ياد رکندس . .

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *