نڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته تڪراري ڪينالن جي معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري جو موقف ئي پ پ جو موقف آهي، حالتون ڪهڙيون به هجن، ڪينال منصوبي تي پ پ ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي.
ٽنڊي ڄام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪينال مسئلو سنڌ ۾ رهندڙ 7 ڪروڙ عوام جي جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي، ڪجهه ماڻهو ڪينالن جي معاملي تي سياست ڪري رهيا آهن، حالتون ڪهڙيون به هجن، پ پ ڪڏهن ڪينالن تي سوديبازي نه ڪندي.
هن چيو ته ڪنهن منصوبي جي منظوري صدر جي اختيار ۾ ناهي، صدر آصف زرداري خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته پ پ 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ تاريخي جلسو ڪندي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪينال منصوبي بابت عوام کي آگاهه ڪندو، 18 اپريل جو جسلو ڪينالن خلاف ريفرنڊم هوندو.