Darna

تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ڌرڻو، ٻٻر لوءِ باءِ پاس بند، سنڌ پنجاب درميان رابطو منقطق .

سکر: (رپورٽ: ضميراحمد گهنيو ) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جي ڌرڻي سبب پنجاب ڏانهن ويندڙ رستا بند ٿي ويا آهن،

وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فتاح سميجو به شامل ٿي ويا آهن، ڌرڻي ۾ سول سوسائيٽي، اديبن، سماجي اڳواڻن سميت هر طبقي جي ماڻهن شرڪت ڪئي آهي ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو آهي، بکر نيوز جي رپورٽر ضمير احمد گهنيو رپورٽ ڪندي ٻڌايو ته سخت گرمي جي باوجود ڌرتي ڌڻين جا حوصله بلند آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي سنڌو درياهه جو پاڻي پيئيندڙ ڪو به حلالي پٽ ڪئنالن جي حق ۾ نه هوندو ۽ سنڌ ۾ وسندڙ هر زبان ڳالهائينڊڙ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ انهن ڪئنالن کي برداشت نه ڪندو ۽ جيسيتائين وفاق انهن ڪئنالن خلاف قرار داد منظور ڪري ڪم بند نه ڪرائيندي تيسيتائين اسان جو هي ڌرڻو به جاري رهندو.

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *