Canal

تونساپنجند ڪئنال کولڻ وارو معاملو، سنڌ حڪومت ارسا کي ٻيو خط لکي ڇڏيو

ڪراچي صوبائي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري ٽي پي لنڪ(تونساپنجند ) ڪئنال مان پاڻي ڇڏڻ تي ارسا کي ٻيو خط لکي ڇڏيو.
صوبائي وزير پنهنجي خط ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو ذڪر ڪندي ترت ڪئنال بند ڪرڻ ۽ سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ارسا ٽي پي لنڪ ڪئنال مان پاڻي 2981 ڪيوسڪ مان وڌائي اڄ 3814 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.
هن ارسا کان مطالبو ڪيو ته ٽي پي لنڪ ڪئنال کي بند ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ کي ان جو جائز حصو ملي ۽ پاڻي جي کوٽ گهٽجي.

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *