يوٽيوب موبائل ايپ ۾ ڪيترائي بهترين فيچرز شامل

0 91

گوگل پنهنجي وڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب جي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ايپ ۾  اهم ترين اپ ڊيٽ ڪئي آهي.

يوٽيوب جي موبائل ايپس ۾ هاڻ نوان فنڪشنز، سادي يوزر انٽرفيس ۽ وڌيڪ نمايان جيسپرز جي واڌ ڪئي پئي وڃي.

مثال طور تي واهپيدار هاڻ فل اسڪرين موڊ ۾ سولائي سان انٽر ۽ ٻاهر اچي سگھندا

ڪنهن  به هلندڙ ويڊيو تي سوائپ اپ ڪري  ان کي لينڊ اسڪيپ موڊ تي روٽيٽ ڪري فل اسڪرين ۾ انٽر ٿي سگھجي ٿو جڏن ته ان کي واپس اصل شڪل ۾ آڻڻ لاءِ سوائيپ ڊائون ڪرڻو پوندو.

ڪلوز ڪيپشن بٽڻ هاڻ ٿري ڊاٽ مينيو ۾ لکيل نه هوندو پر اوورلي مينيو ۾ نظر ايندو ۽ ائين ئي آٽو پلي بٽڻ سان به ڪيو پيو وڃي.

ان اپ ڊيٽ کان پوءِ ٻنهي تائين پهچ سولي هوندي جڏهن ته ٻين بٽڻ کي نئين ترتيب ڏني پئي وڃي ته جيئن نيويگيشن سولي ٿي سگھي.

يوٽيوب جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ تازو ئي متعارف ڪرايل وڊيو چيپٽرز جو فيچر هاڻ يوٽيوب موبائل ايپ جو به حصو بڻجي رهيو آهي.

ان فيچر ۾ ڪنهن به ويڊيو جي سڀني چيپٽرز جي لسٽ نظر ايندي جنهن سان گڏوگڏ هر چيپٽر جو ٿمب نيل پريوويو به هوندو ته جيئن نيوي گيشن سولي ٿئي

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form