شادي کان انڪار تي اداڪارا پنهنجي ئي دوست هٿان مرڻينگ

0 87

نئين دهلي  :   ڀارتي اداڪارا مالوي ملهوترا کي شادي کان انڪار تي سندس دوست چاقو سان حملو ڪري زخمي ڪري وڌو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مالوي تي حملو گذريل رات گهر ويندي ڪيو ويو، اداڪارا کي پيٽ ۾ 3 ڀيرا چاقو هنيو ويو، جنهن سان هوءَ سخت زخمي ٿي پئي ۽ کيس اسپتال نيو ويو.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار واردات کانپوءِ پنهنجي ڪار ۾ فرار ٿي ويو پر ان جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ هو اداڪارا جو دوست آهي.

ميڊيا موجب اداڪارا جو چوڻ آهي ته جوابدار شادي جي آڇ ڪئي هئي ۽ انڪار تي هن حملو ڪيو، مان هڪ سال کان ان کي سڃاڻان ٿي.

اداڪارا تي حملي جو ڪيس ممبئي جي مقامي پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته مالوي ملهوترا ننڍي اسڪرين تي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن، هن ”اڙان“ سميت ٻين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته بالي ووڊ ۽ تالي ووڊ ۾ به فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form