پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽرن سميت آفيشلز جون ڪورونا ٽيسٽون ناڪاري اچي ويون

0 110

لاهور :  پاڪستان ۽ زمبابوي جي رانديگرن، مئنيجمينٽ ميمبرن ۽ آفيشلز جون ڪورونا ٽيسٽون ناڪاري اچي ويون.

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 30 آڪٽوبر، ٻي پهرين نومبر، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 3 نومبر تي ٿيندي، سڀ ميچون راولپنڊي ۾ ئي کيڏيون وينديون.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاهور ۾ کيڏي ويندي، جتي پهريون مقابلو 7 نومبر، ٻيو 8 ۽ ٽيون 10 نومبر تي ٿيندو.

سيريز کان اڳ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن، مئنيجمينٽ ميمبرن ۽ آفيشلز جون ڪُل 107 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جيڪي ناڪاري آيون آهن.

ڪورونا رپورٽون ناڪاري اچڻ کانپوءِ سمورا رانديگر، ميئنجيمنٽ ميمبر ۽ آفيشلز بائيو سيڪيور ببل جو حصو بڻجي ويا آهن، کين هڪٻئي سان ملڻ جلڻ جي مڪمل آزادي آهي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form