شعيب اختر جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ علي ظفر ۽ صبا قمر به شامل

0 90

ڪرڪيٽ جي دنيا جي تيز ترين بالر شعيب اختر جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾ اداڪار، گلوڪار علي ظفر ۽ اداڪارا قبا قمر به فن جو مظاهرو ڪندا.

راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر جي زندگي تي دبئي جي فلم پروڊڪشن ڪمپني ڪيو پروڊڪشن فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان فلم ۾ ناليوار گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر اهم ڪردار نڀائيندو، جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪارا صبا قمر، ولي حامد علي خان ۽ ٻيا شامل هوندا.

فلم جي هدايتون قيصر فيروز ڏيندو، جڏهن ته شعيب اختر جو ڪردار ڪير نڀائيندو، ان کي اڃا راز ۾ رکيو ويو آهي.

ذريعن موجب ايندڙ مهيني شعيب اختر پاڻ فلم جو اعلان ڪندو، ان سلسلي ۾ تقريب پڻ رٿي ويندي، فلم جي 60 سيڪڙو شوٽنگ پاڪستان ۽ 40 سيڪڙو شوٽنگ ٻين ملڪن ۾ ڪئي ويندي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form