ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ايندڙ رومانوي فلم ”ابير گلال“ ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا واني ڪپور پاڪستاني اداڪار فواد خان جا ڳڻ ڳائڻ لڳي
فلم جي مشهوري مهم دوران صحافين سان ڳالهائيندي واني ڪپور فواد خان کي نه رڳو خوبصورت پر انتهائي پرڪشش شخصيت قرار ڏنو.
هن چيو ته مون کي لڳي ٿو فواد خان جهڙا فنڪار فلمي دنيا لاءِ ئي پيدا ٿيا آهن، مان فواد خان سان گڏ فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪئي آهي ۽ ان تجربي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي.
واني ڪپور فواد خان کي پنهنجو پسنديده اداڪار قرار ڏيندي چيو ته ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو انتهائي خوشگوار رهيو، هو مددگار ۽ مهربان شخصيت جو مالڪ آهي، ان کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو.
فواد خان پرڪشش آهي، کانئس گهڻو ڪجهه سکيو: واني ڪپور
with
no comment