Home

ٻٻرلوءِ ڌرڻو، ڪئنالن جي رٿا رد ٿيڻ تائين سنڌ پنجاب رستا بند رهندا -وڪيل

سکر (ضمير احمد گهنيو) وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن، قومپرستن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان هنيل ڌرڻو ٽين ڏينهن به جاري آهي. جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب کي ملائيندڙ نيشنل هاءِ وي بند ٿي ويو آهي ۽ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي آهي.
ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جنهن سبب نيشنل هاءِ وي تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
احتجاج ڪندڙ وڪيلن طرفان ڌرڻي واري هنڌ تي “ڪئنال سمورا نا منظور“، ”سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور “ جهڙا جا نعرا هنيا ويا.
وڪيلن جو چوڻ آهي ته جيستائين وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪندي احتجاج جاري رهندو.
ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، اوٻاوڙو ۽ گمبٽ سميت مختلف شهرن ۾ به تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جنهن سبب روڊن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *