Bilawal Bhutto

اسلام آباد ۾ ويٺل انڌا ۽ ٻوڙا آهن، سنڌ جو سودو نه ڪنداسين: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ سميت پاڪستان جي عوام تڪراري ڪينال منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن زور ڀريو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي حقن جي حفاظت لاءِ آواز اٿاريو آهي.

حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو ٻڌايو ته اڳوڻي حڪمران، جنهن کي هن “قيدي نمبر 420” سڏيو، ڇهن مان ٻن ڪينالن جي اجازت ڏني هئي، پر پيپلز پارٽي ان وقت به ان جي مخالفت ڪئي هئي. عوام جي طاقت سان ان وقت اعتماد جو ووٽ واپس وٺي کيس گهر روانو ڪيو ويو. بلاول چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ صرف قومي ذميواري نه پر عالمي سطح تي به پاڪستان جي ساک جو مسئلو آهي.

هن خبردار ڪيو ته ڪينالن وارو هي تڪرار وفاق جي يڪجهتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو ۽ عالمي سطح تي به پاڪستان کي مشڪلاتن ۾ وجهي سگهي ٿو. بلاول چيو ته اها رڳو منهنجي نه پر سڄي قوم جي جنگ آهي، جيڪا اسان کي شهيد بينظير ڀٽو کان ورثي ۾ مليل آهي، جن پهريان ئي پاڻي جي مسئلي تي پنهنجي آواز بلند ڪيو هو.

بلاول الزام لڳايو ته اسلام آباد وارا حڪمران ان مسئلي تي نه ڏسڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي، خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حالتون انتهائي خراب آهن. اهڙي ماحول ۾ وفاق نئون تڪرار پيدا ڪري وڌيڪ خطرن کي جنم ڏئي رهيو آهي، جنهن سان سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي پاڻي تي اثر پوندو.

هن چيو ته اهي ماڻهو، جيڪي تڪراري ڪينال ٺاهڻ چاهين ٿا، اسلام آباد ۾ ويٺل آهن ۽ سندن طاقت سنڌ جي ووٽن جي مرهون منت آهي. جيڪڏهن شهباز شريف اڄ وزيراعظم آهي ته کيس سنڌ جي عوام جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي.

بلاول واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي کي وزارتن جي ڪا به لالچ ناهي، ۽ جيڪڏهن سندن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته هو پوئتي نه هٽندا. هن دعويٰ ڪئي ته صدر زرداري جي دور ۾ هارين جي حالت بهتر ٿي هئي ۽ پاڪستان گندم برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو هو، پر مسلم ليگ (ن) صرف عوام کي لٽڻ ۾ مصروف آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته گذريل 25 سالن کان ملڪ پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي، ۽ هاڻي حڪومت چولستان جهڙن ريگستاني علائقن کي آباد ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نئون علائقو آباد ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪريو، پر سنڌ جي حقن جو سودو ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو.

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *