women

سائنس جي ميدان ۾ ڇرڪائيندڙ اڳڀرائي، عورت اي آءِ جي مدد سان ماءُ بڻجي وئي

ميڪسيڪو ۾ هڪ حيران ڪندڙ سائنسي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي هڪ عورت اهڙي ٻار کي جنم ڏنو آهي، جنهن کي هٿرادو ذهانت سان ليس روبوٽ ذريعي ماءُ ۾ منتقل ڪيو ويو، اهو دنيا جو پهريون ٻار آهي، جيڪو ان جديد طريقي ڪار سان پيدا ٿيو آهي.
جنهن ماءُ جو هتي ذڪر ڪيو پيو وڃي، ان جي عمر 40 سال آهي ۽ هوءَ گهڻي عرصي کان ماءُ بڻجڻ جي خواهشمند هئي پر ڪيتريون ئي ڪوششون ڪرڻ باوجود کيس ڪاميابي نه ملي هئي، پوءِ کيس هڪ تجرباتي طريقي لاءِ چونڊيو ويو، جنهن ۾ هٿرادو ذهانت سان هلندڙ روبوٽ جو استعمال ڪيو ويو.
عام طور تي ليبارٽري ۾ انساني ماهر خاص اوزارن جي مدد سان ”آءِ وي ايف“ جو عمل مڪمل ڪندا آهن پر هن ڀيري اهو سڄو عمل هڪ خاص پاڻمرادي مشين انجام ڏنو، جيڪا مڪمل طور تي هٿرادو ذهانت سان هلندي آهي، اها مشين نه رڳو سمورو طريقو پاڻ هلائيندي آهي پر بهتر ۽ صحتمند خليون به پاڻ ئي چونڊيندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان پاڻمرادي طريقي سان ٻار جي پيدائش جا امڪان وڌي سگهن ٿا ۽ ماهرن کي گهڻي محنت به ناهي ڪرڻي پوندي.
ان طريقي ڪار کي ميڪسيڪو جي شهر گواڊيلاهارا ۾ آزمايو ويو، ان لاءِ پنج خلين تي تجربو ڪيو ويو، جن مان ٻه ڪامياب ٿيون، انهن مان هڪ کي عورت جي اندر منتقل ڪيو ويو، جنهن سان هڪ صحتمند ٻار جي پيدائش ٿي.
اهو دنيا جو پهريون ٻار آهي، جيڪو مڪمل طور تي هڪ روبوٽ ذريعي دنيا ۾ آيو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو طريقي ڪار في الحال مهانگو ضرور آهي پر وقت سان جيئن جيئن عام ٿيندو ته لاڳت به گهٽجي ويندي.
اهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته اها نئين ٽيڪنالاجي مستقبل ۾ بي اولاد جوڙن لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي سگهي ٿي

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *