بنگلاديش هٿان عبرتناڪ شڪست، شان مسعود قوم کان معافي گهري ورتي

اولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود بنگلاديش هٿان سيريز ۾ تاريخي شڪست تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
بنگلاديش راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻنهي ٽيسٽ ميچن ۾ قومي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-0 تان وائيٽ واش ڪيو جڏهن اِهو تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پاڪستان کي پنهنجي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ٿي آهي.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته پاڪستان سيريز ۾ تمام گهڻيون غلطيون ڪيون ۽ بنگلاديش اسان کان وڌيڪ ڊسپلن سان ڪرڪيٽ کيڏي.
مستقبل جي حڪمت عملي ۽ ٽيم سليڪشن بابت ڳالهائيندي سندس هو ته هميشه پنهنجي غلطين ۾ سکڻو پوندو آهي، ماڻهن کي موقعو ڏيڻو پوندو آهي، منهنجي خيال ۾ اسان صحيح رستي تي وڃي رهيا آهيون،
هن وڌيڪ چيو ته شڪست تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بالر ۽ بيٽرز لاءِ فٽنس انتهائي اهم هوندي آهي.

پنھنجي راءِ لکو