ڪيترن پاڪستانين پسند جي شادي ڪئي؟ سروي جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ خاندان جي مرضي سان شادي ڪرڻ جو رواج عام آهي.
81 سيڪڙو پاڪستانين ارينج شاديون ڪيون هيون، جڏهن ته 18 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ هو ته انهن پسند جي شادي ڪئي.
گيلپ پاڪستان هڪ نئين سروي جاري ڪئي آهي، خانداني رضا سان شادي ڪندڙن ۾ ڇوڪرين جي شرح وڌيڪ آهي، 85 سيڪڙو ڇوڪرين گهروارن جي خواهش تي شادي ڪئي، 14 سيڪڙو پسند جي شادي کي ترجيح ڏني.
ڇوڪرن ۾ 77 سيڪڙو گهروارن جي رضامندي تي شادي ڪئي، 22 سيڪڙو مرضي سان شادي جو چيو، پسند جي شادي ڪندڙن ۾ 30 سالن جا ماڻهو آهن ۽ نوجوانن جي شرح 21 سيڪڙو آهي. پسند جي شادي جي خواهش وارا 79 سيڪڙو ماڻهو آهن.
ارينج ميرج جو سڀ کان وڌيڪ 50 سالن جي ماڻهن چيو. 89 سيڪڙو وارثن جي پسند کي ترجيح ڏني، 10 سيڪڙو ذاتي پسند کي ترجيح ڏني

پنھنجي راءِ لکو