ڊيپ ڊپريشن طوفان ۾ تبديل، ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ موجود ڊيپ ڊپريشن طوفان جي شڪل اختيار ڪري ويو، سامونڊي طوفان اسنيٰ ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 170 ڪلو ميٽر فاصلي تي موجود آهي.
موسميات کاتي جي ٽئين الرٽ موجب رن آف ڪڇ، انڊيا ۽ لاڳاپيل علائقن تي موجود ڊيپ ڊپريشن گذريل 12 ڪلاڪن دوران اولهه ۽ ڏکڻ اولهه ڏانهن وڌيو، ڊيپ ڊپريشن ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 170 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته طوفان جي اثر هيٺ شهر ۾ 60 کان 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، جڏهن ته برساتن جي شدت ۾ واڌ ٿيندي ۽ رات ۾ تيز اسپيل جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 31 آگسٽ تائين ٿرپارڪر، بدين، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، ڄامشوري، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي.
سنڌ جي مهاڻن کي پهرين سيپٽمبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو