وفاق جو بجلي نظام تباهه آهي، مسئلي جو مستقل حل چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايف بي آر سميت وفاقي ادارا پنهنجو ڪم صحيح ناهن ڪندا ۽ پوءِ بجلي بلن ذريعي ٽيڪس گڏ ڪندا آهن.
وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٻه لک گهراڻن ۾ سولر سسٽم ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام کي ٻه مهينا رليف جي چڪر ۾ 12 مهينا تڪليف ملي ته سولر نظام بهتر آهي، اسان بجلي جي مسئلي جو مستقل حل چاهيون ٿا، پ پ پنهنجي منشور موجب عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته عمران خان جي غلط فيصلن معيشت کي نقصان پهچايو، هاڻ نه ڪو لانگ مارچ نظر اچي رهيو آهي ۽ نه عدم اعتماد آهي، جيڪڏهن اسان گڏجي ڪم ڪيون ته ملڪ مان مهانگائي ختم ڪري سگهون ٿا.
سندس چوڻ هو ته وفاق جو بجلي نظام تباهه آهي، ايف بي آر ۽ وفاق جا ادارا پنهنجو ڪم صحيح ناهن ڪندا ۽ پوءِ بجلي بلن ذريعي ٽيڪس گڏ ڪندا آهن، بجلي بلن سان عوام کي ڪرنٽ لڳي ويندو آهي، اسان پنهنجي عوام کي سستي بجلي ڏينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبي ۾ 3 سولر انرجي پارڪ ٺاهڻ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون، سستي بجلي جا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي مڪمل ڪيا ويندا.

پنھنجي راءِ لکو