بلوچستان ۾ آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگردن کي جلد ” سخت پيغام “ ملي ويندو: گهرو وزير

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگردن کي جلد هڪ ” سخت پيغام “ ملي ويندو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات ۽ هڪ اهم اجلاس کانپوءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردن لِڪي حملو ڪيو آهي.
محسن نقوي تي چيو ته گهرو وزير جي آمد جو مقصيد هتان جي عوام کي اِهو ٻڌائڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير سان اسان گڏ بيٺا آهيون هو جيڪو فيصلو ڪندو اسان ساڻس گڏ آهيون، بلوچستان جي معاملي تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته بلوچستان جو وڏي وزير امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ جيڪو فيصلو ڪندو وفاقي حڪومت ان جي حمايت ڪندي، صوبي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي ڏُکارو آهيان، اهڙا واقعا برداشت ڪرڻ جوڳا ناهن، قتل ۽ بربريت جي واقعن سان اسان کي ڊيڄاري نه ٿو سگهجي دهشتگردن کي تمام جلد هڪ ” سخت پيغام “ ملي ويندو.
محسن نقوي چيو ته بلوچستان سڀ کان وڏو صوبو آهي، دهشتگرد ڪنهن ننڍي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندا آهن، ايڏي وڏي علائقي ۾ جيتري به فورسز مقرر ڪجي ڪم ڏکيو هوندو آهي.

پنھنجي راءِ لکو