صحتمند زندگي لاءِ 5 عادتون ڪڍو نه ته نقصان ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان پنجن عادتن کي ڇڏي ڏيندا ته بيمارين کان بچي سگهو ٿا جن ۾ ٿولهه، بلڊ پريشر، شگر شامل آهن.

پهرين عادت جنڪ فوڊ جو استعمال آهي جنهن کي ڇڏڻو پوندو، ڇو ته ان ۾ غذائي کوٽ هوندي آهي.

ٻيو ته روزاني جي معمولات تي عمل ڪرڻ گهرجي، ماڻهن سان ملاقاتون ڪريو، سمهڻ ۽ کاڌي جو ٽائم ٽيبل رکو.

اوهان کي خبر هوندي ته ماڻهو کي روز 2 کان 4 ليٽر پاڻي پيئڻ گهرجي، ان ڪري هڪ گلاس تي گذارو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.

رات جو ٻي، ٽي وڳي تائين جاڳڻ ۽ دير سان اٿڻ اوهان کي بيمار ڪري سگهي ٿو، ان سان به بلڊ پريشر وڌي ويندو آهي.

ورزش نه ڪرڻ اوهان کي سست ڪري ڇڏندو آهي، ان ڪري اڌ ڪلاڪ جي ورزش ضروري آهي

پنھنجي راءِ لکو