حڪومت جو پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت 28 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن قومي اسيمبلي جو نائون اجلاس 26 آگسٽ تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

پنھنجي راءِ لکو