وزيراعظم شهباز شريف بجلي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کان سهڪار گهري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هدايتون ڏنيون آهن ته صوبائي حڪومتون ڊسڪوز (بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين) کي بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس ۽ مختيارڪار فراهم ڪن.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي واري وزارت ۽ پاور ڊويزن جي معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ اويس لغاري سميت ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.
شهباز شريف چيو ته بجلي چوري جي روڪٿام، لائن لاسز گهٽائڻ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن.
اميد آهي ته ان سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، صوبائي حڪومتون ضرورت موجب بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس ۽ مختيارڪار ڏين.

پنھنجي راءِ لکو