آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري، بابر اعظم جو ڪائون نمبر؟

دبئي( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي .
آءِ سي سي ون ڊي پليئر رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم پهرين پوزيشن تي موجود آهي ۽ ڀارت جي شُڀمَن گِل جو ٻيو نمبر آهي.
ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما هڪ درجو ترقي ماڻيندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ويرات ڪوهلي هڪ درجو وڃائيندي چوٿين نمبر تي هليو ويو آهي.
ون ڊي پليئرز رينڪنگ ۾ پاڪستان جي فخر زمان هڪ درجو بهتري سان 12 هين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
ان کانسواءِ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڀارت جو ڪُلديپ ياديو پنج درجا بهتري بعد چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ون ڊي پليئرز رينڪنگ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي هڪ درجو وڃائيندي نائين نمبر تي هليو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو