سنڌ حڪومت جو 2 لک گهرن کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 2 لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جي 20 لک گهرن کي به سولر سسٽم ڏيون.
وزيراعليٰ هائوس ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم ڪٽس جي فراهمي لاءِ صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن کي 80 سيڪڙو سبسڊي تي سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ گهراڻن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.
مراد علي شاهه چيو ته پروگرام جي شروعات 2020 ۾ ڪئي وئي پر سبسڊي جي رقم 40 سيڪڙو هئي، سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو پيو وڃي، ايڪنڪ 27.4 بلين رپين جي لاڳت سان هن معاهدي جي منظوري ڏني آهي، ورلڊ بينڪ هن پراجيڪٽ تي 100 ملين ڊالر جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هاڻي عالمي بينڪ جي سهڪار سان سبسڊي جي رقم 80 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گرين پاور پلانٽ سان سستي بجلي عوام کي ملندي، سنڌ ۾ نوجوانن کي سولر ٽيڪنيشن جي ٽريننگ به ڏئي رهيا آهيون

پنھنجي راءِ لکو