اي سگريٽ جو استعمال، طبي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

اي سيگريٽ کي گهڻا ماڻهو صحت لاءِ محفوظ تصور ڪندا آهن پر اهو خيال غلط ثابت ٿي ويو آهي خاص ڪري دل جي صحت کي ان سان وڏو نقصان ٿيندو آهي.

اهو هڪ تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته اي سگريٽ سان دل جي بيماري جو خطرو وڌي ويندو آهي. واضح رهي ته هارٽ فيليئر اهڙو بيماري آهي جنهن ۾ جسم کي دل تائين رت پهچائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ايئن ناهي ٿيندو ته دل ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏي پر پهريون جيان صحيح ڪم ناهي ڪندو. ان بيماري جو علاج ناهي پر دوائن سان ان کي روڪي سگهجي ٿو.

تحقيق ۾ 75 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جي جاچ ڪئي وئي جنهن مان 45 مهينن تائين ماڻهن جي صحت جو جائزو ورتو ويو جنهن مان 3242 ماڻهن ۾ هارٽ فيليئر جي خبر پئي. نتيجن مان پتو پيو ته اي سيگريٽ پيئڻ وارن ماڻهن ۾ هارٽ فيليئر جو خطرو ان عادت کان پري رهندڙ جي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.

ماهرن موجب وڌ کان وڌ تحقيقي رپورٽس ۾ اي سيگريٽس جي استعمال کي صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو