وقار يونس وٽ ڪهڙا ڪهڙا اختيار آهن؟ تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وقار يونس پي سي بي ۾ اهم عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي پر سمورا اختيار ملڻ باوجود هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر نه ڪري سگهندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جي مقرريءَ جو اختيار هيڊ ڪوچ وٽ هوندو جيڪو پي سي بي چيئرمين کي سفارشون ڏيندو ۽ چيئرمين محسن نقوي ڪپتان جي نالي جي حتمي منظوري ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين جي ڪرڪيٽ معاملن بابت صلاحڪار وقار يونس وٽ پاڪستان جي سموري ڪرڪيٽ هلائڻ جو مينڊيٽ آهي پر وٽس ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اختيار نه آهي.
پي سي بي ذريعن موجب، وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ۽ ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ڪپتان بابت فيصلو ڪندا ۽ پنهنجون سفارشون پي سي بي چيئرمين کي ڏيندا.
ٽيسٽ ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪندو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي باوجود بابراعظم جي ڪپتان طور مستقبل جو فيصلو وڌيڪ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو