بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي دهشتگرد تنظيم قرار، شاگرد ونگ تي به پابندي

اڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي ۽ ان جي شاگرد تنظيم تي پابندي لڳائي وئي آهي، حسينه واجد حڪومت جماعت اسلامي کي ويڙهاڪ ۽ دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، خابرو اداري موجب تازو شاگردن جي احتجاج ۾ تشدد جو ذميوار جماعت اسلامي ۽ ان جي شاگرد ونگ کي قرار ڏنو ويو ۽ جماعت اسلامي تي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت پابندي لڳائي وئي، گذريل مهيني سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن احتجاج ڪيو هو، جنهن دوران شاگردن جي احتجاج ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، پوليس مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو هو.

پنھنجي راءِ لکو