سنڌ حڪومت اونهاري جون موڪلون وڌائي ڇڏيون،

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي تعليم کاتي اسڪولن ۾ اونهاري جون موڪلون 14 آگسٽ تائين وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ آهي ته گرمي جي شدت ۾ واڌ ۽ برساتن جي امڪان سبب موڪلون وڌايون ويون آهن.
سيد سردار شاهه چيو ته موڪلن کانپوءِ سنڌ ۾ نئون تعليمي سال 15 آگسٽ کان شروع ٿيندو.
صوبائي وزير جي هدايت تي تعليم کاتي موڪلن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب، اسڪولن ۾ 14 آگسٽ جون سرگرميون ۽ اهم تدريسي سرگرميون جاري رکيو وينديون، سمورا خانگي ۽ سرڪاري اسڪول آزادي جي جشن جي حوالي سان پروگرام ڪندا.

پنھنجي راءِ لکو