ٽرمپ جو بائيڊن کي آمريڪي تاريخ جو بدترين صدر قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان 2024ع جي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ تان هٿ کڻڻ تي سندس مخالف اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جو ردعمل سامهون آيو آهي.
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي بائيڊن کي آمريڪي تاريخ جو اڪيلو بدترين صدر قرار ڏنو.
اِهو واضح ناهي ته بائيڊن کانپوءِ ڊيموڪريٽس طرفان ڪهڙو اميدوار ميدان ۾ لاٿو ويندو، پر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته نائب صدر ڪاملا هيرس کي صدارتي چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ بائيڊن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سولو هوندو.

پنھنجي راءِ لکو