9 مئي جي ذميوارن کي سزا نه ڏني وئي ته ملڪ ڏڦيڙن جي ور چڙهي ويندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته عزم استحڪام فوجي آپريشن نه مهم آهي، هڪ سياسي مافيا ان خلاف سازش ڪري رهي آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هن پريس ڪانفرنس جو مقصد ڪجهه معاملن تي فوج جو موقف واضح ڪرڻ آهي، جيئن اوهان سڀني کي خبر آهي ته ويجهڙائي واري عرصي دوران هٿياربند فوج خلاف منظم پروپئگنڊا، ڪوڙ، غلط معلومات پکيڙڻ۽ ان سان منسوب هٿ ٺوڪين خبرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي انڪري معاملن کي نظر ۾ رکندي بار بار پريس ڪانفرنس ڪنداسين.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هلندڙ سال سيڪيورٽي فورسز 22409 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا، آپريشنز دوران 31 انتهائي گهربل دهشتگرد ماريا ويا، اداري روزاني بنيادن تي 112 آپريشنز ڪيا ويا.
هن چيو ته عزم استحڪام تي 22 جون تي نيشنل ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وزيرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي ۽ سمورا سروسز چيف به موجود هئا، ايپڪس ڪميٽي اجلاس جي هڪ پڌرائي جاري ٿي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اسان کي هڪ قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي جوڙڻي پوندي.
هن چيو ته انتهائي سنجيدا معاملن کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، عزم استحڪام ان جو مثال آهي، عزم استحڪام فوجي آپريشن ناهي پر دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط مهم آهي، عزم استحڪام کي تڪرار ڇو پيو بڻايو وڃي؟
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ مضبوط لابي آهي جيڪا چاهي ٿي ته عزم استحڪام جا مقصد پورا نه ٿين، عزم استحڪام تي سياست ڪئي پئي وڃي، ڇو ته هڪ مافيا، سياسي مافيا ۽ غيرقانوني مافيا مخالفت ڪري رهي آهي ۽ چوڻ لڳي آهي ته اسان آپريشن عزم استحڪام ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين، اِها سياسي مافيا چاهي ٿي ته عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ شدت سان وڙهي ويندي، چار کان پنج آپريشن اسان هر ڪلاڪ ۾ ڪري رهيا آهيون، اٽڪل 32 هزار کان وڌيڪ مدرسا پاڪستان ۾ آهن، 16 هزار مدرسا رجسٽرڊ آهن ان کانسواءِ ٻيا مدرسا ڪٿي آهن ڪير هلايو رهيو آهي، پنجاهه سيڪڙو مدرسا رجسٽرڊ ناهن ڇا اِهو فوج کي ڪرڻا آهن؟سندس چوڻ هوته افغانستان ڇهن ملڪن جي سرحد لڳي ٿي جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ باقي 5 پنجن ۾ پاسپورٽ ذريعي اچ وڃ آهي، پاڪستان جي سرحد کي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي سوفٽ بارڊر ڇو رکيو پيو وڃي؟ حڪومت ون ڊاڪيومينٽ رجيم پاسپورٽ لاڳو ڪيو ته ان جي خلاف احتجاج شروع ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن جو هڪ ئي مطالبو آهي اسان کي اسمگلنگ ڪرڻ ڏيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بنون ڇانوڻي تي حملي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب ڪجهه شهري به شهيد ٿيا، بنون امن مارچ ۾ ڪجهه ماڻهن رياست ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو، هجوم ۾ ڪجهه هٿياربند ماڻهو شامل هئا، اتي راشن جي ٽرڪ ڦري وئي، واقعي سبب هڪ ڪلوميٽر پري ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي، بنون واقعي تي فوج جي جوابي ڪارروائي ايس او پي ۽ آرڊر مطابق هئي.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اِهو سڀ انڪري ٿيو جو 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن کي جيستائين سزا نه ڏني ويندي ملڪ ۾ انتشار ۽ فسطائيت وڌيڪ پکڙجي ويندي، دهشتگردن سان گڏ ڊجيٽل دهشتگرد هئا ۽ واقعي کانپوءِ پراڻيون تصويرون ڪڍي پروپئگنڊا ڪئي وئي جيتوڻيڪ امن امان جي صورتحال قائم رکڻ فوج جي نه صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي

پنھنجي راءِ لکو