سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سامونڊي علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي اڄ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
ان کانسواءِ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ وڌيڪ برسات پوندي، سومر کان عربي سمنڊ ۽ بنگالي نار کان چوماسي هوائن جو سسٽم ملڪ جي مختلف علائقن تي اثرانداز ٿيندو.
اڄ کان 27 جولاءِ دوران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات ٿيندي، اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سومر کان خميس تائين ڪڪر وسندا جڏهن ته بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ اڱاري ۽ اربع تي برسات جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، پنجاب ۾ چوماسي جو چوٿون اسپيل 22 جولاءِ کان شروٿ ٿيندو، 25 جولاءِ تائين پنجاب ۾ چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ترجمان موجب، موسمي صورتحال بابت لاڳاپيل انتظاميا کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو