پريا ڪماريءَ کي پنجاب ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) 3 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي امڙ روينا ۽ والد راجڪمار وزيراعلي هائوس ۾ پريا ڪماري لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي سان ملاقات ڪئي.

جي آئي ٽي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان پريا ڪماري جي اغوا مامري تي هر رخ کان جاچ ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جي آءِ ٽي طرفان ٻڌايو ويو ته گرفتار ٿيل عورت راڻي شيخ جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن معصوم پريا ڪماري کي پنجاب جي هڪڙي ماڻهو کي وڪرو ڪيو آهي.

گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ هو ته پريا ڪماري جي آزاد ڪرائيندڙ ۽ اطلاع ڏيندڙ جي انعامي رقم 50 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ ڪئي وئي آهي، اميد آهي جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو