شوگر مان مڪمل ڇوٽڪارو ڏياريندڙ دوا تيار

شوگر هڪ اهڙي دائمي بيماري آهي جنهن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي پر ان کي طرز زندگيءَ جي عادتن ۽ دوائن جي مدد سان ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
پر آمريڪي سائنسدانن هڪ حيرت جوڳي اڳڀرائي ڪندي شوگر مان ڇوٽڪارو ڏياريندي دوا تيار ڪري ورتي آهي.
جنرل سائنس ٽرانزيشنل ميڊيسن ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب، مائونٽ سينائي هاسپيٽل سسٽم ۽ سٽي آف هوپ هاسپيٽل جي ماهرن جي اهڙي دوا جي تياري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪا انسولين ٺاهيندڙ خلين کي ٻيهر زنده ڪندي آهي جنهن ذريعي شوگر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
ان ڏس ۾ محققن طرفان 2015 کان تحقيق جاري هئي ۽ 2023 ۾ ڪوئن تي دوا جي آزمائش شروع ڪئي وئي هئي.
تحقيق لاءِ هارمائن نالي هڪ قدرتي جز کي شوگر ٽائپ ٽو کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٿراپي جي ايل پي ون سان ملايو ويو.
ان کانپوءِ محققن انساني بيٽا خلين کي اهڙن ڪوئن تي ٽرانسپلانٽ ڪيو جنهن جو مداففتي نظام نه هو ۽ هو شوگر ٽائپ ون ۽ ٽو جو شڪار هئا.
تحقيق ۾ دريافت ٿيو ته جن ڪوئن جو علاج ان دوا ذريعي ڪيو ويو، اِهي شوگر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي ويا.
حقيقت ۾ انهن جي جسم ۾ انسولين ٺاهيندڙ خلين جي انگ ۾ ٽن مهينن دوران ست سئو کان وڌيڪ اضافو ڏسڻ ۾ آيو.
محققن موجب اِهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن اهڙي دوا تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي جنهن ذريعي انساني بيٽا خلين جي انگ ۾ اضافو ٿيو.
هنن وڌيڪ چيو ته نتيجن مان اميد پيدا ٿي آهي ته علاج جي هن طريقي کي شوگر جي ڪروڙين مريضن جي مڪمل علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ياد رهي ته هن وقت دنيا ۾ بالغ آبادي جو ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ حصو شوگر سبب متاثر آهي، ان بيماريءَ دوران انسولين ٺاهيندڙ خلين جي انگ ۾ هاءِ بلڊ شوگر سبب گهٽتائي ايندي آهي.
فلحال محققن طرفان نئين دوا جي ڪلينيڪل ٽرائل جو پهريون مرحلو مڪمل ڪيوويو آهي جنهن ۾ ڪوئن کي شامل ڪيو ويو هو. اڃا انسان تي ان دوا جي آزمائش ڪئي ويندي ته جيئن ان جي فائدن ۽ محفوظ هجڻ جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي.

پنھنجي راءِ لکو