ليجنڊري آمريڪي ڪاميڊين باب نيو هارٽ لاڏاڻو ڪري ويو

يجنڊري آمريڪي ڪاميڊين ۽ اداڪار باب نيو هارٽ 94 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
آمريڪي ميڊيا موجب هو گهڻي عرصيءَ کان بيمار هو، جمعرات تي سندس موت لاس اينجلس شهر ۾ ٿي.
رپورٽ موجب باب نيو هارٽ 1950ع ۾ اسٽينڊ اپ ڪاميڊين جي طور تي پنهنجي ڪيرئر جي شروعات ڪئي هئي.
هو 1970 ۽ 1980ع جي ٻن هٽ ٽيليويزن شوز سبب گهڻو مشهور ٿيو، هن پنهنجي ڪم سبب ڪيترائي ايوارڊ به حاصل ڪيا.

پنھنجي راءِ لکو