جو بائيڊن ڪورونا جو شڪار

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 81 ورهين جي آمريڪي صدر جوبائيڊن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي جنهن کانپوءِ هن سموريون سياسي مصروفتيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.
وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن کي ڪورونا جون معمولي علامتون آهن کيس ويڪسين لڳائي وئي آهي.
وائٽ هائوس موجب، صدر جوبائيڊن آئيسوليشن ۾ پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهندو.
ٻئي پاسي امريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو آهي ته هو بيمار ٿي پيو آهي.
هن الزام لڳائيندي چيو ته ايلون مسڪ ۽ سندس امير دوست صدارتي چونڊون خريد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
واضع رهي ته بائيڊن لاس ويگاس ۾ چونڊ مهم تي هو، سندس ڪووڊ ٽيسٽ اهڙي وقت ۾ هاڪاري آئي جڏهن ته سندس ٻيهر صدارتي اميدوار جي حيثيت سان نامزدگي خطري ۾ پئجي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو