تحريڪِ انصاف شيرافضل مروت جي بنيادي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سيڪريٽري جنرل طرفان شير افضل جي بنيادي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پارٽي ظابطن جي ڀڃڪڙي تي شير افضل خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، شير افضل مروت جي پارٽي ظابطن جي ڀڃڪڙي بابت جاچ ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ مرڪزي ترجمان رئوف حسن، بريگڊييئر (ر) مصدق ملڪ، فردوس شميم نقوي ۽ دائود خان ڪاڪڙ شامل آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته شير افضل مروت جي بيانن ۽ قدمن سبب پارٽي کي سخت نقصان پهتو جڏهن ته کيس پهريان ئي سياسي ۽ ڪور ڪميٽي تان هٽايو ويو هو.
پڌرائي موجب، عمران خان جي هدايت تي شير افضل مروت خلاف ايڪشن ورتو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو