هاڪس بي ڪراچي ڀرسان ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ واري فيصلي خلاف ڌرڻو

ڪراچي اوڀر(رپورٽر)ڪراچي ھاڪس بي ڀرسان سنڌ حڪومت طرفان 6000 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ واري فيصلي خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ متاثر ٿيندڙ 45 کان وڌيڪ ڳوٺ جي سوين ڳوٺاڻن طرفان مبارڪ وليج روڊ تي ڌرڻو هڻي ڊي ايڇ اي کي زمين ليز تي ڏيڻ واري فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. سنڌ حڪومت طرفان ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري ھاڪس بي ڀرسان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ چاھي ٿي جيڪا مقامي رھواسين سان تمام وڏي انصافي ۽ زيادتي آھي، سنڌ حڪومت جو اھڙو فيصلو ڪنھن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگھجي. ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ھاڪس بي ڀرسان ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ سان ديھه ميندياري، ديهھ الله ٻنو، ديھه ڇتارا جا سوين ڳوٺ اچن ٿا جن کي لڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪڏھن به قبول نه ڪئي ويندي، ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته بينظير ٽائون جي لاءِ 1200 ايڪڙ، ڪينپ ڪمپني لاءِ 2000 ايڪڙ ۽ نٿيا ڳلي نيويج لاءِ 8500 ايڪڙن تي جبري قبضو ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر 6000 ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي وارن کي اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت ڏني پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به طرح سان قبول نه ڪنداسين، سنڌ حڪومت جي ان سنڌ دشمن فيصلي کي مڪمل رد ڪيون ٿا،

پنھنجي راءِ لکو