سائبر حملي جو خطرو،آمريڪي حڪومت ملازمن کي وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي حڪومت پراسرار سيڪيورٽي نقص جي ڪري پنهنجي ملازمن کي فوري طور تي گوگل پڪسل فونز اپڊيٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل طرفان انهي نقص جو حل جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو تعلق مبينا طور تي اينڊرائڊ آپريٽنگ سسٽم ۾ موجود هڪ بگ سان آهي، پر ڪمپني طرفان انهي بابت تفصيل ناهن ٻڌايا ويا ته اهو بگ ڪهڙي ريت نقصان پهچائي سگهي ٿو.
آمريڪي حڪومت پنهنجن ملازمن کي خبردار ڪندي ٻڌايو آهي ته اينڊرائڊ پڪسل جي فرم ويئر ۾ هڪ پراسرار خامي موجود آهي، جيڪا پريوليج ايسڪليشن جو استعمال ڪندي سائبر حملي آور ڪنهن سسٽم تائين غير قانوني پهچ حاصل ڪري وٺندو آهي

پنھنجي راءِ لکو