ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم بدترين ڪارڪردگي، وهاب رياض رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر مئنيجر وهاب رياض رپورٽ پي سي بي کي جمع ڪرائي ڇڏي.

ذريعن موجب، وهاب رياض رپورٽ ۾ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جا سبب ڄاڻايا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تفصيلي رپورٽ وهاب رياض ڊائريڪٽر عثمان واهلا کي جمع ڪرائي، مئنيجر منصور رانا جي رپورٽ به ان سان گڏ شامل آهي.

ذريعن موجب وهاب رياض جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قومي ٽيم اسڪل فل ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، رانديگرن کي پنهنجي مهارت موجب کيڏڻ کپي ها، رانديگرن ۾ ڪو آرڊينيشن ۽ پلان تي عملدرآمد جو فقدان نظر آيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رانديگرن کي ڪو آرڊينيشن ۽ جذبي سان کيڏڻ گهرجي ها، ڀارت خلاف ميچ ۾ کٽڻ جي ارادي کي نه ڇڏڻ گهرجي ها.

وهاب رياض جي رپورٽ ۾ مستقبل ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري بابت تجويزون ڏنيون ويون آهن

پنھنجي راءِ لکو