آمريڪي نمائندن جي ايوان جو ٺهراءُ پاڪستان ۾ چونڊ عمل کان اڻ واقفيت جو نتيجو آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي آمريڪي نمائندن جي ايوان جي ٺهراءَ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ترجمان موجب پاڪستان آمريڪي نمائندن جي ايوان ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ کي نوٽ ڪيو آهي پر ٺهراءُ پاڪستان ۾ سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل کان اڻ واقفيت جو نتيجو آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان دنيا جي ٻي وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ پنجون وڏو جمهوري ملڪ آهي، پاڪستان آئين ۽ انساني حقن کي اهميت ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ پاڪستان پنهنجي قومي مفاد ۾ قانون جي حڪمراني تي عمل ڪري ٿو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان گڏيل احترام ۽ مفاهمت جي بنياد تي تعميري ڳالهين ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو، اهڙا ٺهراءَ نه تعميري آهن ۽ نه ئي بامقصد، اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪ – آمريڪا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ڪردار ادا ڪندي.
ترجمان چيو اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ گڏيل ڀائيواري جي شعبن تي ڌيان ڏيندي

پنھنجي راءِ لکو