2024 سنڌ جي 30 کرب 56 ارب رپين جي بجيٽ 2024 پيش،پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال 25-2024ع لاءِ سنڌ جي 30 کرب 56 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي ووئي آهي.
بجيٽ جا اهم نڪتا
• پگهارن ۾ 30 سيڪڙو تائين واڌ
• 959 رپين جا نمايان ترقياتي خرچ
• ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب رپيا مختص
• صحت لاءِ 334 ارب رپيا مختص
• گرانٽس جي مد ۾ يونيورسٽيز لاءِ 35 ارب مختص
• گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر
• خرچن جو ڪاٿو 2253 ارب لڳايو ويو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته هن دفعي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪئي، صدر زرداري ۽ بلاول ڀٽو بهتر مستقبل جو واعدو ڪيو آهي ۽ اسان ان رستي هلي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته گذريل پنج سال معاشي حوالي سان ڏاڍو مشڪل هئا، 2020 جي شروعات ۾ ڪووڊ آيو، ڪراچي کي به بدترين برساتن جو منهن ڏسڻو پيو، ڪيئي علائقا برساتن سبب پاڻي هيٺ اچي ويا، وري 2022 ۾ ٻوڏ سنڌ کي متاثر ڪيو پر ان باوجود اسان ڪم ڪيو.
مراد علي شاهه موجب، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پهگارن ۾ 22 کان 30 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي، گريڊ 18 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهار 22 سيڪڙو وڌائڻ سان گڏوگڌ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته 662 ارب جي صوبائي اوڳاڙين مان 35 ارب رپيا سروسز تي سيلز ٽئڪس آهي، ڪرنٽ ڪيپٽل جي خرچن ۾ 42 ارب رپيا قرضن جي ادائيگي لاءِ آهن، بجيٽ ۾ سماجي خدمتن ۾ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ خرچن جو ڪاٿو 2253 ارب رپيا آهي، بجيٽ ۾ 959 ارب رپيا نمايان ترقياتي خرچن جي تجويز آهي، ڪي ايم سي سميت مڪاني کاتن لاءِ 160 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مجموعي امڪاني آمدني 30 کرب رپيا آهي، وفاقي منتقلي 62 سيڪڙو، صوبائي اوڳاڙيون 22 سيڪڙو آهن، بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي وٽان ملندڙ 77 ارب رپيا شامل آهن، پرڏيهي گرانٽس 6 ارب، ڪيري اوور ڪيش بئلينس 55 ارب رپيا شامل آهي، پگهارن جو سڀ کان وڏو حصو 38 سيڪڙو آهي، پهگارن کانپوءِ گرانٽس 7 سيڪڙو مختلف پروگرامن لاءِ آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 86 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، ايس جي اينڊ سي ڊي لاءِ 153 ارب رپيا رکيا ويا آهن، گهرو وزارت لاءِ 194 ارب رپيا شامل آهن.
هن ٻڌايو ته عوامي لائبريريز جون سهولتون وڌائڻ لاءِ 21 ڪروڙ رپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، صحت لاءِ 334 ارب رکيا ويا آهن جنهن ۾ 302 ارب موجودا خرچن لاءِ مختص آهن.
هن چيو ته گرانٽس جي مد ۾ يونيورسٽيز لاءِ 35 ارب مختص ڪيا ويا آهن، فنڊنگ جو مقصد تعليمي نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي، سنڌ ايگري ڪلچر يونيورسٽي لاءِ ٻه ارب، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ هڪ ارب، ڊائو يونيورسٽي هيلٿ سائنس لاءِ هڪ ارب 12 ڪروڙ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو لاءِ هڪ ارب 86 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي لاءِ هڪ ارب 66 ڪروڙ ، لياقت يونيورسٽي آف سائنس لاءِ هڪ ارب 38 ڪروڙ، قائدِ عوام يونيورسٽي نوابشاهه لاءِ هڪ ارب 37 رپيا، سنڌ مدرسي لاءِ 60 ڪروڙ ۽ دائود انجينيئرنگ يونيورسٽي لاءِ بيجٽ ۾ هڪ ارب 57 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۽ سنڌ يونيورسٽي لاءِ بيجٽ ۾ 3، 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تعليم حاصل ڪندڙن ڇوڪرين کي وضيفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت شاگردن جي وضيفي لاءِ 80 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا آهن، اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ جي مد ۾ ٻه ارب رپيا رکيا ويا آهن، پوزيشن هولڊر شاگردن لاءِ هڪ ارب ويهه ڪروڙ اسڪالرشپ جي مد ۾ مختص ڪيا ويا آهن ان کانسواءِ سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ 75 ڪروڙ رپيا ماليت جا مفت ڪتاب ورهائيندي.
وڏي وزير موجب، سنڌ حڪومت صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن جي سرگرمين لاءِ بجيٽ ۾ ڏهه ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، پاڪستان هاڪي فيڊريشن لاءِ بجيٽ ۾ ڏهه ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جي رقم ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ اسڪولن جي مرمت لاءِ مختص ڪئي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته توانائي لاءِ 77 ارب رپين سميت جاري خرچن لاءِ 62 ارب رپيا مختص ۽ آبپاشي لاءِ 94 ارب رپين سميت موجودا خرچن لاءِ 36 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.
هن چيو ته ورڪز اينڊ سروسز لاءِ 86 ارب رپيا، پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا آهن، 34 ڏهائي 9 ارب رپيا غريبن جي مدد لاءِ مختص ڪيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ معاشي ۽ سماجي ڀلائي کي ترجيح ڏني وئي آهي ۽ پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو مقصد مالي تحفظ ڏيڻ آهي جڏهن ته شهرين تي مالي ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ 16 ارب رپين جا سبسڊي پروگرامز به بجيٽ جو حصو آهن.
وڏي وزير موجب، هائوسنگ اسڪيمن لاءِ 25 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا، سنڌ جي بجيٽ پنهنجو ڌيان فوري قدمن تي ڏئي رهي آهي ۽ ڪيئي نوان قدم معيشت جي ترقي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ کنيا ويا آهن.
هن ٻڌايو ته هاري هارڊ ذريعي 1 لک 20 هزار هارين جي مالي مدد لاءِ 8 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ملير ايڪسپريس ڪورنگي ۾ انڪليو ڪمپليڪس لاءِ پنج ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن انڪيلو ڪمپليڪس ۾ تعليم، بحالي، سکيا ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون.
وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پورهيت ڪارڊ تحت پنج ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته زراعت لاءِ 11 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

پنھنجي راءِ لکو