سنڌ جي بجيٽ 2024سڀاڻي پيش ڪئي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايندڙ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي
ذريعن موجب سنڌ جي مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 2300 ارب رپيا هجڻ جو امڪان آهي ۽ ترقياتي بجيٽ 257 اربن کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
صاف پاڻي جي فراهمي جي منصوبن تي وڏي رقم رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته بجلي 300 يونٽن تائين مفت ڪرڻ جي تجويز تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو ويندو.
ذريعن موجب نين ترقياتي اسڪيمن بدران جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ محدود نيون ترقياتي اسڪيمون آڻڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو