شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس، عدالت جو روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ ٻن روپوش جوابدارن جي گرفتاري سميت جاچ بهتر نموني ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چالان ۾ ٽي جوابدار ڄاڻايل آهن، جن مان هڪ گرفتار ۽ ٻه روپوش آهن.
عدالت حڪم ڏنو ته روپوش ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
وڪيل عبيدالله گهوٽو موقف اختيار ڪيو ته شهيد جي امڙ مائي پٺاڻي جج آڏو اصل جوابدارن جي گرفتاري جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کين پوليس تي اعتماد نه آهي.
ايس ايڇ او عدالت کان مهلت طلب ڪئي، عدالت سختي سان هدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ درست ڪئي وڃي، تنهن کانپوءِ ٻڌڻي ڇنڇر تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنھنجي راءِ لکو