ريئل اسٽيٽ تي 15 سيڪڙو ٽئڪس لاگو ڪرڻ سان سيڪٽر ويهجي ويندو: ايف پي سي سي آءِ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي ايوان هاءِ صنعت و تجارت پاڪستان (ايف پي سي سي آءِ) بجيٽ تي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ جو چوڻ هو ته ڏيڍ سيڪڙو شرح سود گهٽ ٿيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، علاقائي ملڪن جي فيڪٽرين کي 8 سينٽس جڏهن ته اسان کي 17 جي بجلي ملندي آهي.
هن چيو ته ريئل اسٽيٽ تي 15 سيڪڙو ٽئڪس سان سيڪٽر ويهجي ويندو، بجيٽ جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
نائب صدر ثاقب مگون جو چوڻ هو ته بجيٽ هدف صنعتن جي حالت ڏسڻ ۾ وڌيڪ آهي، ايڪسپورٽ ريفائنانس رقم ۾ واڌ خوش آئند آهي پر ايڪسپورٽرز کي عام ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان گهٽتائي ٿيندي، آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ گهڻي رقم رکڻ، پگهارن ۽ پينشنز ۾ واڌ سٺو قدم آهي.
هن چيو ته ٽئڪس ڊجيٽلائيزيشن سٺي ڳالهه آهي، ريئل اسٽيٽ تي ڪيپيٽل گيس ٽئڪس سان پرڏيهي ملڪ مان رقم جي ترسيل ۾ گهٽتائي ايندي.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25_2024 لاءِ 85 کرب خساري تي مشتمل 188 کرب 87 ارب کان وڌيڪ جو بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي.
بجيٽ 25_2024 ۾ ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري تي فائلرز ۽ نان فائلرز تي ٽئڪس جي شرح ۾ واڌ جي تجويز آهي.
بجيٽ جي ڪاغذن موجب ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري تي 15 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، جڏهن ته نان فائلرز جي ملڪيت جي وڪري ۽ خريد تي 45 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو.

پنھنجي راءِ لکو