وفاقي بجيٽ 2024 ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ هيلٿ انشورنس جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ 2024 ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ هيلت انشورنس جو اعلان ڪيو ويو آهي.
صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ هيلٿ انشورنس جي اعلان تي وفاقي وزير عطا تارڙ صحافي برادري کي مبارڪباد ڏني آهي.
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ هيلت انشورنس حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي تاريخي قدم آهي.
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته اهو قدم صحافين جي صحت ۽ فلاح و بهبود کي بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
هن ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ وڌيڪ ڏهه هزار صحافين کي سهولت فراهم ڪئي ويندي

پنھنجي راءِ لکو